Skip to main content
منهنجو نالو اياز احمد آهي، ۽ منهنجي والد صاحب جو نالو حافظ عبيدالله ابوپوٽو آهي. منهنجا والد صاحب لڳ ڀڳ 25 سال ڪلهوڙا اسٽيشن جي مسجد ۾ پيش امام رهيا آهن. انهن سالن دوران بابا شادي ڪئي، ۽ اسان سڀني ڀائرن جي پيدائش ڪلهوڙا اسٽيشن تي ئي ٿي. سال 2012ع ۾، اسان ڪلهوڙا اسٽيشن جي مسجد ڇڏي پنهنجي اصل ڳوٺ يوسف راڄپر واپس آياسين، جتي اسان جو پنهنجو گهر آهي. اسان جي ڳوٺ ۽ مائٽن ۾ گهڻا ماڻهو حافظ ۽ مولوي صاحب آهن. علم جي حوالي سان الله سائين انهن کي سٺو ذهن عطا ڪيو آهي، پر افسوس جو ڪڏهن ڪڏهن سمجهه، برداشت ۽ دانائيءَ جي کوٽ نظر اچي ٿي. ڪجهه ماڻهن ۾ اهو احساس به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڄڻ سچ ۽ نجات صرف انهن تائين محدود آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ الله سائين بهتر ڄاڻندڙ آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن به مائٽن ۾ ڪو مسئلو پيدا ٿئي ٿو، ته علم ۽ قرآن هوندي به، ان مسئلي جو حل ڪڏهن ڪڏهن اُهي ماڻهو ڪن ٿا، جيڪي نه حافظ آهن نه عالم، پر انهن وٽ زندگيءَ جو تجربو ۽ سادي سمجهه هوندي آهي. هن سڀ ڪجهه مون کي اهو سبق ڏنو آهي ته صرف علم ڪافي ناهي، عقل، اخلاق ۽ بردباري به ضروري آهي. دين انسان کي نرمي، انصاف ۽ سمجهه سيکاري ٿو، نه غرور. هي لکڻي ڪنهن تي الزام لڳائڻ لاءِ نه، پر پنهنجي زندگيءَ جي هڪ حقيقت بيان ڪرڻ لاءِ آهي، جيئن مان پاڻ به سکي سگهان ۽ شايد ڪو ٻيو به سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي. — اياز
Popular posts from this blog
Comments
Post a Comment